قرآن پيار جي بنياد جو تعين ڪري ٿو (مترجم: آغا عامر خان)

 

قرآن ان پيار ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو ايمان مان نڪري ٿو ۽ انسان جي روح تي گهڻو اثر دار ٿئي ٿو.اهڙو پيار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ڪرڻي پوي ٿي. قرآن ۾ پيار جو مطلب نفس جي قرباني، صبر، سخاوت، پرواه ۽ حفاظت آهي. الله تعالٰي قرآن ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته برائي ۽ برن لفظن کي ممڪن حد تائين سٺن لفظن ۾ جواب ڏيڻ ۽ ماڻهن سان بهترين طريقي سان پيش اچڻ ئي پيار آهي.

جيڪڏهن توهان پوري دنيا جي ماڻهن کان پڇو ته اڪثريت اهو چوندي ته اهي پيار ۽ محبت ڪرڻ جي باري ۾ ڄاڻين ٿا ۽ اهي ڪيترن ئي ماڻهن سان پيار به ڪن ٿا. پر حقيقت اها آهي ته ڪافي گھٽ ماڻهون ڄاڻين ٿا ته پيار ڇا هوندو آهي. جيڪو تصور ماڻهون پيار جي باري ۾ ڪن ٿا اهو صرف هڪ احساس آهي پر ان ۾ ڪا به گھرائي نه آهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها ڳالھ واضح ٿي ويندي آهي ته اهو پيار نه آهي. سچو پيار هڪ احساس آهي جنهن جو بنياد الله جي محبت ۽ رضا تي هجي، جيڪو پيار ڪڏهن به گھٽ نه ٿي چاهي ڪيترو به وقت گذري وڃي، جيڪو وقت، مشڪلات، غلطين ۽ ڪوتاهين کي به نظرانداز ڪري ۽ هميشه وڌندو ئي رهي.

برائي کي بهترين طريقي سان جوب ڏيڻ پيار جو ثبوت آهي

قرآن ۾ الله تعالٰي ماڻهن کي برائي جو جواب سٺائي سان ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو

“۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو. ” (سورت الفصلت، 34)

الله تعالٰي ايمان وارن سان هڪ بهترين اجر جو واعدو ڪيو آهي جڏهن اهي برائي جو جواب سٺائي سان ڏيندا. هو اهو ڏسي ٿو ته انهن ۾ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دشمني آهي پر تڏهن به انهن جي وچ ۾ دوستي پيدا ٿي سگھي ٿي. اها ايمان وارن  جي پيار ۽ شفقت جي تصور جي بنيادي ضرورت آهي. جڏهن اهي ڏسن ٿا ته ماڻهون انهن سان برو سلوڪ ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو طريقو الله کي ناپسند آهي، اُهي اول اها ڳالھ سوچين ٿا ته اهو سلوڪ انهن انسانن جي آخرت لاءِ خطرناڪ آهي ۽ انهن ڏانهن رواداري ۽ نمرتا سان پيش اچن ٿا، فخر ۽ تڪبر کان گريز ڪن ٿا، ۽ انهن سان ڳالهائڻ وقت آجزي اختيار ڪن ٿا. هي اهو منطق استعمال نه ٿا ڪن ته“اهو غلطي ته آهي ۽ جيڪو غلطي ڪري اهو ئي پهريان معافي وٺي” يا “دفعه ڪر هن کي” اهو رويو انهن ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي پنهنجي زندگي قرآن جي مطابق نه آهن گذاريندا. ايمان وارا اهو ڄاڻين ٿا ته الله تعالٰي سٺو رويو رکڻ وارن سان راضي ٿيندو ۽ برائي کي سٺائي سان بدلڻ قرآن جي تعليمات سان مطابقت ۾ آهي. تنهن جي ڪري اهي پنهنجي گھٽتائي کي پنهنجي لاءِ فائدي ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا.

ايمان وارا پنهنجين حياتين ۾ هر قسم جي ماڻهن سان رابطي ۾ اچن ٿا، پر اهي ڪڏهن به پنهنجي اخلاقي خيالن کي انهن ماڻهن جي ظاهري رويي جي ڪري تبديل نه ڪندا آهن. ٻيا ماڻهون ڀلي طنز ۽ نفرت سان ڀريل لفظ انهن خلاف استعمال ڪن پر اهي ڪڏهن به غصو نه ڪندا آهن نه ئي خراب رويو اپنائيندا آهن. هڪ ايمان وارو ڪڏهن به پنهنجا سٺا اخلاق، عاجزي، شفقت، پيار ۽ محبت ڀريو رويو نه تبديل ڪندو آهي. هي ڪڏهن به خراب لفظن کي  خراب لفظن سان جواب نه ڏيندو آهي. هي ڪڏهن به طنز کي طنز سان ۽ ڪاوڙ کي ڪاوڙ سان جواب نه ڏيندو آهي. هي هميشه ناگوار رويي کي رواداري، شفقت ۽ پيار سان جواب ڏيندو آهي جيڪو سامهون واري کي شرمندو ڪندو آهي ۽ ان کي سٺي طرح برتاوُ ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. ايمان وارو هميشه ڪاوڙ جي خلاف پرسڪون ۽ اعتدال پسندي وارو رويو اپنائيندو آهي.

يقينن، ايمان واري جو هي رويو هڪ وڏي منطق تي مشتمل آهي. اهو ڪڏهن به هن کي نقصان پنهنچائڻ طرف نه ٿو کڻي وڃي. هي نه پاڻ کي نه ئي وري ڪنهن ٻي مسلمان کي ان حالت تائين پنهنچڻ ڇڏي ٿو جتي هن کي ڪو نقصان يا وري ڪجھ ٻيو غلط سهڻو پوي. هي پنهنجي ان سٺي رويي سان اخلاقيات جي به تبليغ ڪري ٿو جنهن جو حڪم ايمان ڏئي ٿو. انهن اخلاقيات کي اپنائڻ سان، جيڪي الله تعالٰي کي پسند آهن، هي ٻين کي مذهبي اخلاقيات اپنائڻ  ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.     

البته، اسان کي اهو نه ڀلجڻ گھرجي ته جيڪڏهن ڪو اسان سان غلط رويو رکي ٿو ته ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته اسين به ان سان غلط رويو رکون. هر انسان پنهنجي عملن لاءِ انفرادي طور تي الله تعالٰي جي سامهون ذميوار آهي. قرآن جي مطابق، برائي کي محبت، شفقت، رحمدلي، پيار  سان جواب ڏيڻ جي قابل هجڻ اعلٰي اخلاقي جي نشاني آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ مسلمان جو اهو طرزِ عمل الله تعالٰي جي لاءِ هن جي محبت جي طاقت ۽ شدت ڏيکاري ٿو.  هي انسان صرف ان لاءِ صبر ڪري ٿو ته اهو عمل هن لاءِ الله جي رضا حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجندو.  الله تعالٰي اهو فرمائي ٿو ته هي اهڙن صابر بندن کي ٻه دفعه نوازيندو.

“اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن. ” (سورت القصص، 54)

انسانن سان بهترين طريقي سان پيش اچڻ پيار جي نشاني آهي

“۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.  ” (سورت الحجر، 85)

الله تعالٰي ايمان وارن کي بهترين رويو رکڻ ۽ ٻين انسانن سان پيار سان پيش اچڻ جو حڪم ڏئي ٿو. هي بهترين اخلاقي تصور الله تعالٰي جي خوف ۽ قرآن طرف محبت جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو. ان لاءِ، ايمان وارو پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪڏهن به انهن اخلاقيات ۾ ذري برابر به رعايت نه ڪندو آهي، ۽ ٻين سان تمام سٺي طريقي ۽ پيار سان پيش ايندو آهي ته جيئن هو الله جي رضا حاصل ڪري سگھي.

سامهون وارو انسان امير آهي يا غريب، عمر رسيد آهي يا نوجوان، مرد آهي يا عورت ڪا اهميت نه ٿو رکي جڏهن ايمان وارن جي اخلاقيات جي ڳالھ ڪجي ٿي. ايمان وارو ڪڏهن به انهن کي اهميت نه ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به دنياوي غرز جي ڪري اهڙو رويو نه اپنائيندو آهي. الله تعالٰي وضاحت ڪري ٿو؛

“۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي. ” (سورت النساء، 36)

ايمان وارو اهو رويو جنهن جو حڪم الله تعالٰي ڏئي ٿو هر ڪنهن ڏانهن رکندو آهي. پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته اهو رويو ٻين ماڻهن جي غلط رويي کي صحيح قرار ڏئي ٿو ۽ ان ڏانهن اکيون بند ڪرائي ڇڏي ٿو. ايمان وارو سچ سان متعلق معملات تي الله تعالٰي جي ڏيکاريل رستي تي ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪندو آهي. جڏهن ڪو غلط رويو رکي ٿو ته ان جو جواب ايمان وارو پيار سان ڏئي ٿو ۽ اهڙي طرح هو اُن کي صحيح طور تي پيش اچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

ٻين جو نظريو سمجھڻ پيار جي هڪ خاص نشاني آهي

جيڪي ماڻهون ديني اخلاقيات کان پري رهي ڪري زندگي گذارين ٿا انهن جي زندگي جي اڪثر واقعن جي هر ڪهاڻي ۾ عام طور تي  ٻه طرف هوندا آهن. اهو ذري گھٽ ناممڪن آهي ته هڪ ماڻهون بلڪل حق تي هجي ۽ ٻيون بلڪل غلط. ڪڏهن اهو تناسب 80% ۽ 20% هوندو آهي، ۽ ڪڏهن 50% 50%. ماڻهون عام طور تي پنهنجي معاملات کي صرف پنهنجي نظرئي سان ڏسندا آهن. تنهن ڪري، هڪ انسان صرف پنهنجو پاڻ کي حق تي سمجھندو آهي ۽ ٻيو انسان به پنهنجي لاءِ ساڳيو ئي خيال رکندو آهي. ٻئين اهو چاهيندا آهن ته سامهون وارو پنهنجيون غلطيون ڏسي ۽ معافي گھري.

اها سوچ، جيڪا اڄ ڪلھ انهن معاشرن ۾ گھڻو پکڙيل آهي جيڪي ديني اخلاقيات کان پري رهي ڪري زندگي گذارين ٿيا، ماڻهن کي ننڍڙي غلط فهمي ۽ اختلاف مان مستقل بيچيني طرف وٺي وڃي ٿي. اهڙين ماڻهن ۽ ايمان وارن جي وچ ۾ فرق اهڙي صورتحال ۾ واضح ٿئي ٿو. ايمان واري جي هڪ خصوصيت اها آهي ته هو ڄاڻيندو آهي ته پيار ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن ڪيو ويندو آهي. ايمان وارو هجڻ جو اهو مطلب آهي ته اعلٰي اخلاقي قدرن جو مالڪ هجڻ جڏهن ڳالھ دوستي، وفاداري، محبت ۽ شفقت، معافي، رواداري ۽ ماڻهن جون دلون کٽڻ جي ڪجي ٿي. ايمان وارو پيار جي معاملي ۾ انتهائي بيگرز هوندو آهي. هي ڪڏهن به پنهنجي خواهشات کي پنهنجي پيار ڪندڙ تي اهميت نه آهي ڏيندو. هي ڪڏهن به پنهنجي سڪون ۽ آرام لاءِ ان انسان کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. هي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ  ان انسان تي ڪڏهن به الزام نه هڻندو  جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. ان جي ابتڙ، هو پنهنجو پاڻ تي الزام برداشت ڪندو جڏهن ته اڳلو انسان غلطي تي آهي. هي سڀني غلطين، ڪوتاهين ۽ خامين جي ذميداري پاڻ تي قبول ڪندو پر ان الزام جو ذرو به ڪڏهن به ان انسان تي برداشت نه ڪندو جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. هن لاءِ ان سڀ جو واحد مقصد صرف الله جي رضا حاصل ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته ايمان واري جي پيار جو بنياد الله تعالٰي جو پيار آهي. هن جي وفاداري الله سان هن جي وافاداري مان ڦٽي ٿي. ۽ اهو ئي ان شخص سان جنهن سان هي پيار ڪندو آهي ڏانهن ارپنا جو واحد ذريعو آهي.

پيار ايمان واري جي خاص نشاني آهي

تقريبن هر ڪوئي پنهنجي زندگي ۾ بي رحم ۽ پيار کان بي خبر ماڻهن سان واسطي ۾ اچي ٿو. هي اهي ماڻهون آهن جيڪي ڪڏهن به ڪنهن به شئي کان اثر انداز نه ٿيندا آهن. اهي سخت زبان استعمال ڪندا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو شيطان ئي آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي رويي طرف مائل ڪري ٿو. شيطان اهو نه چاهيندو آهي ته ماڻهن کي سٺو ضمير هجي يا وري اهي عقلمند، شائسته، شڪرگذار، صابرين، الله جي تخليق مان لطف اندوز ٿيڻ وارا، پيار ڪندڙ، ۽ سڀ ڪنهن سان اخلاق سان پيش اچڻ وارا ٿين. تڏهن به، الله تعالٰي انسان جي اندر شين کي آسان ڪرڻ ۽ ٻين لاءَ آسان پيدا ڪرڻ واري فطرت رکي آهي، تنهن جي ڪري ضرورت وقت ماڻهون پنهنجي قرباني به ڏيندا، ٻين کي ان جي خبر به پوڻ نه ڏيندا، هي سڀ ان لاءِ ڪندا ته جيئن معاشري ۾ سک ۽ سڪون هجي. ايمان وارا، جيڪي ان رويي کي چڱي طرح اپنائن ٿا، پنهنجي موجودگي واري ماحول کي پر سڪون بڻائي ڇڏين ٿا ۽ ان طرح انهن جي موجودگي جو هميشه سٺو ئي اثر پوندو آهي. اهو هم آهنگي وارو، پرسڪون، مثبت، پرجوش ۽ محبت وارو رويو جيڪو ايمان وارا پنهنجي چوُطرف موجود ماڻهن تي ظاهر ڪندا آهن انهن جي هڪ بهترين نشاني آهي. الله تعالٰي قرآن ۾ فرمائي ٿو ته ڪيئن ان ايمان وارن لاءِ پيار جهڙي نعمت پيدا فرمائي؛

“بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.  ” (سوره مريم، 96)

ايمان وارن جي پيار، جيڪي اهي ٻين تي ظاهر ڪندا آهن، جو حقيقي ذريعو الله تعالٰي جو پيار آهي. اهو ڄاڻڻ ته جيڪا خوشي اهي پنهنجي دل ۾ محسوس ڪن ٿا الله تعالٰي پيدا ڪئي آهي ۽ هر شئي ۾ هن جو جلوو آهي انساني پيار جو بنياد آهي.

سچي پيار ۾، هڪ انسان پنهنجا اهي جذبات ان ماڻهون تي ظاهر ڪري سگھي ٿو جنهن سان هي پيار ڪري ٿو ان لاءِ هو شاندار، پر ڪشش ۽ اثردار لفظن جو استعمال ڪري سگھي ٿو جيڪي ان ڪڏهن به پهريون استعمال نه ڪيا هئا.

ٻين شين کان مختلف، الله تعالٰي انسان کي “روح” عطا ڪيو آهي. تنهن لاءِ، اهو اثر جيڪو هڪ انسان جي اندر پيدا ٿئي ٿو ٻئي انسان جي اندر پيدا ٿيندڙ ساڳئي ئي اثر کان مختلف هوندو. پيار جيڪو هڪ انسان محسوس ڪري ٿو سڌي طرح تعلق رکي ٿو ان انسان جي اندر موجود خوبصورتي سان.

جناب عدنان اوقتار صاحب قرآن ۾ واضح ڪيل پيار جي باري ۾ ڳالهائن ٿا

قرآن پيار جي بنياد جي وضاحت ڪري ٿو. اهو صرف اسان کي پيار ڪرڻ لاءِ نه ٿو چوي. پيار صبر سيکاري ٿو جيئن وفاداري، سخاوت، پرواه، اهميت، ڇا اهو سڀ ڪجھ نه ٿو سيکاري؟ هڪ خودگرز ۽ سوارتي ماڻهون پيار نه ٿو ڪري سگھي. هي لازمي طور تي پيار وڃائي ويهندو آهي. ماڻهون جيڪي معاف ڪرڻ نه ڄاڻيندا آهن پيار وڃائيندا آهن. ٻين لفظن ۾، انهن براين سان گڏ پيار نه ٿو هلي سگھي. توهان کي پيار کي ايئن ئي بچائڻو آهي جيئن هڪ ننڍڙي ٻوٽي کي. پيار اچانڪ ئي پنهنجو پاڻ ظاهر نه ٿيندو آهي. هڪ انسان ٻئي جي اکين ۽ ان جي بِرُن سان پيار نه ڪندو آهي، ڇو ته اهي ٻڍيون ۽ بيمار ٿي سگھن ٿيون. دولت به غائب ٿي سگھي ٿي پر ايمان ۽ اخلاق، جيڪي عقيدي مان جنم وٺن ٿا، هميشه رهن ٿا ۽ هڪ انسان جي دل تي گهرو اثر ڪن ٿا. ان جي ڪري اسين ٻين ماڻهن سان محبت ڪندا آهيون. هڪ انسان ٻئي انسان سان پيار نه ٿو ڪري سگھي جيڪو گوشت ۽ هڏن جو ٺهيل آهي، کل کي ٿورو ڪٽيو ۽ توهان کي زور ڳاڙهو گوشت نظر ايندو ۽ توهان وٽ صرف رت ۽ چمڙي کان سواءِ ڪجھ به نه هوندو. سو توهان وٽ ان شخص سان پيار ڪرڻ لاءِ ڪا به شئي نه بچندي.

(14 June 2011, A9 TV)

2012-05-21 10:28:20
هن سائٽ جي باري ۾ | پنهنجو هوم پيج ٺاهيو | پنهنجي فيورٽس ۾ شامل ڪيو | RSS Feed
سمورو مواد هن ويب سائٽ جو حوالوڏئي ڪاپي، چاپي ۽ تقسيم ڪري سگھجي ٿو
(c) All publication rights of the personal photos of Mr. Adnan Oktar that are present in our website and in all other Harun Yahya works belong to Global Publication Ltd. Co. They cannot be used or published without prior consent even if used partially.
© 1994 Harun Yahya. www.harunyahya.com
page_top