SD.HARUNYAHYA.COMhttp://sd.harunyahya.comsd.harunyahya.com - مضامين - تازو شامل ڪيلsdCopyright (C) 1994 sd.harunyahya.com 1SD.HARUNYAHYA.COMhttp://sd.harunyahya.comhttp://harunyahya.com/assets/images/hy_muhur.png11666قرآن پيار جي بنياد جو تعين ڪري ٿو (مترجم: آغا عامر خان)  

قرآن ان پيار ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو ايمان مان نڪري ٿو ۽ انسان جي روح تي گهڻو اثر دار ٿئي ٿو.اهڙو پيار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ڪرڻي پوي ٿي. قرآن ۾ پيار جو مطلب نفس جي قرباني، صبر، سخاوت، پرواه ۽ حفاظت آهي. الله تعالٰي قرآن ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته برائي ۽ برن لفظن کي ممڪن حد تائين سٺن لفظن ۾ جواب ڏيڻ ۽ ماڻهن سان بهترين طريقي سان پيش اچڻ ئي پيار آهي.

جيڪڏهن توهان پوري دنيا جي ماڻهن کان پڇو ته اڪثريت اهو چوندي ته اهي پيار ۽ محبت ڪرڻ جي باري ۾ ڄاڻين ٿا ۽ اهي ڪيترن ئي ماڻهن سان پيار به ڪن ٿا. پر حقيقت اها آهي ته ڪافي گھٽ ماڻهون ڄاڻين ٿا ته پيار ڇا هوندو آهي. جيڪو تصور ماڻهون پيار جي باري ۾ ڪن ٿا اهو صرف هڪ احساس آهي پر ان ۾ ڪا به گھرائي نه آهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها ڳالھ واضح ٿي ويندي آهي ته اهو پيار نه آهي. سچو پيار هڪ احساس آهي جنهن جو بنياد الله جي محبت ۽ رضا تي هجي، جيڪو پيار ڪڏهن به گھٽ نه ٿي چاهي ڪيترو به وقت گذري وڃي، جيڪو وقت، مشڪلات، غلطين ۽ ڪوتاهين کي به نظرانداز ڪري ۽ هميشه وڌندو ئي رهي.

برائي کي بهترين طريقي سان جوب ڏيڻ پيار جو ثبوت آهي

قرآن ۾ الله تعالٰي ماڻهن کي برائي جو جواب سٺائي سان ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو

“۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو. ” (سورت الفصلت، 34)

الله تعالٰي ايمان وارن سان هڪ بهترين اجر جو واعدو ڪيو آهي جڏهن اهي برائي جو جواب سٺائي سان ڏيندا. هو اهو ڏسي ٿو ته انهن ۾ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دشمني آهي پر تڏهن به انهن جي وچ ۾ دوستي پيدا ٿي سگھي ٿي. اها ايمان وارن  جي پيار ۽ شفقت جي تصور جي بنيادي ضرورت آهي. جڏهن اهي ڏسن ٿا ته ماڻهون انهن سان برو سلوڪ ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو طريقو الله کي ناپسند آهي، اُهي اول اها ڳالھ سوچين ٿا ته اهو سلوڪ انهن انسانن جي آخرت لاءِ خطرناڪ آهي ۽ انهن ڏانهن رواداري ۽ نمرتا سان پيش اچن ٿا، فخر ۽ تڪبر کان گريز ڪن ٿا، ۽ انهن سان ڳالهائڻ وقت آجزي اختيار ڪن ٿا. هي اهو منطق استعمال نه ٿا ڪن ته“اهو غلطي ته آهي ۽ جيڪو غلطي ڪري اهو ئي پهريان معافي وٺي” يا “دفعه ڪر هن کي” اهو رويو انهن ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي پنهنجي زندگي قرآن جي مطابق نه آهن گذاريندا. ايمان وارا اهو ڄاڻين ٿا ته الله تعالٰي سٺو رويو رکڻ وارن سان راضي ٿيندو ۽ برائي کي سٺائي سان بدلڻ قرآن جي تعليمات سان مطابقت ۾ آهي. تنهن جي ڪري اهي پنهنجي گھٽتائي کي پنهنجي لاءِ فائدي ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا.

ايمان وارا پنهنجين حياتين ۾ هر قسم جي ماڻهن سان رابطي ۾ اچن ٿا، پر اهي ڪڏهن به پنهنجي اخلاقي خيالن کي انهن ماڻهن جي ظاهري رويي جي ڪري تبديل نه ڪندا آهن. ٻيا ماڻهون ڀلي طنز ۽ نفرت سان ڀريل لفظ انهن خلاف استعمال ڪن پر اهي ڪڏهن به غصو نه ڪندا آهن نه ئي خراب رويو اپنائيندا آهن. هڪ ايمان وارو ڪڏهن به پنهنجا سٺا اخلاق، عاجزي، شفقت، پيار ۽ محبت ڀريو رويو نه تبديل ڪندو آهي. هي ڪڏهن به خراب لفظن کي  خراب لفظن سان جواب نه ڏيندو آهي. هي ڪڏهن به طنز کي طنز سان ۽ ڪاوڙ کي ڪاوڙ سان جواب نه ڏيندو آهي. هي هميشه ناگوار رويي کي رواداري، شفقت ۽ پيار سان جواب ڏيندو آهي جيڪو سامهون واري کي شرمندو ڪندو آهي ۽ ان کي سٺي طرح برتاوُ ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. ايمان وارو هميشه ڪاوڙ جي خلاف پرسڪون ۽ اعتدال پسندي وارو رويو اپنائيندو آهي.

يقينن، ايمان واري جو هي رويو هڪ وڏي منطق تي مشتمل آهي. اهو ڪڏهن به هن کي نقصان پنهنچائڻ طرف نه ٿو کڻي وڃي. هي نه پاڻ کي نه ئي وري ڪنهن ٻي مسلمان کي ان حالت تائين پنهنچڻ ڇڏي ٿو جتي هن کي ڪو نقصان يا وري ڪجھ ٻيو غلط سهڻو پوي. هي پنهنجي ان سٺي رويي سان اخلاقيات جي به تبليغ ڪري ٿو جنهن جو حڪم ايمان ڏئي ٿو. انهن اخلاقيات کي اپنائڻ سان، جيڪي الله تعالٰي کي پسند آهن، هي ٻين کي مذهبي اخلاقيات اپنائڻ  ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.     

البته، اسان کي اهو نه ڀلجڻ گھرجي ته جيڪڏهن ڪو اسان سان غلط رويو رکي ٿو ته ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته اسين به ان سان غلط رويو رکون. هر انسان پنهنجي عملن لاءِ انفرادي طور تي الله تعالٰي جي سامهون ذميوار آهي. قرآن جي مطابق، برائي کي محبت، شفقت، رحمدلي، پيار  سان جواب ڏيڻ جي قابل هجڻ اعلٰي اخلاقي جي نشاني آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ مسلمان جو اهو طرزِ عمل الله تعالٰي جي لاءِ هن جي محبت جي طاقت ۽ شدت ڏيکاري ٿو.  هي انسان صرف ان لاءِ صبر ڪري ٿو ته اهو عمل هن لاءِ الله جي رضا حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجندو.  الله تعالٰي اهو فرمائي ٿو ته هي اهڙن صابر بندن کي ٻه دفعه نوازيندو.

“اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن. ” (سورت القصص، 54)

انسانن سان بهترين طريقي سان پيش اچڻ پيار جي نشاني آهي

“۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.  ” (سورت الحجر، 85)

الله تعالٰي ايمان وارن کي بهترين رويو رکڻ ۽ ٻين انسانن سان پيار سان پيش اچڻ جو حڪم ڏئي ٿو. هي بهترين اخلاقي تصور الله تعالٰي جي خوف ۽ قرآن طرف محبت جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو. ان لاءِ، ايمان وارو پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪڏهن به انهن اخلاقيات ۾ ذري برابر به رعايت نه ڪندو آهي، ۽ ٻين سان تمام سٺي طريقي ۽ پيار سان پيش ايندو آهي ته جيئن هو الله جي رضا حاصل ڪري سگھي.

سامهون وارو انسان امير آهي يا غريب، عمر رسيد آهي يا نوجوان، مرد آهي يا عورت ڪا اهميت نه ٿو رکي جڏهن ايمان وارن جي اخلاقيات جي ڳالھ ڪجي ٿي. ايمان وارو ڪڏهن به انهن کي اهميت نه ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به دنياوي غرز جي ڪري اهڙو رويو نه اپنائيندو آهي. الله تعالٰي وضاحت ڪري ٿو؛

“۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي. ” (سورت النساء، 36)

ايمان وارو اهو رويو جنهن جو حڪم الله تعالٰي ڏئي ٿو هر ڪنهن ڏانهن رکندو آهي. پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته اهو رويو ٻين ماڻهن جي غلط رويي کي صحيح قرار ڏئي ٿو ۽ ان ڏانهن اکيون بند ڪرائي ڇڏي ٿو. ايمان وارو سچ سان متعلق معملات تي الله تعالٰي جي ڏيکاريل رستي تي ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪندو آهي. جڏهن ڪو غلط رويو رکي ٿو ته ان جو جواب ايمان وارو پيار سان ڏئي ٿو ۽ اهڙي طرح هو اُن کي صحيح طور تي پيش اچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

ٻين جو نظريو سمجھڻ پيار جي هڪ خاص نشاني آهي

جيڪي ماڻهون ديني اخلاقيات کان پري رهي ڪري زندگي گذارين ٿا انهن جي زندگي جي اڪثر واقعن جي هر ڪهاڻي ۾ عام طور تي  ٻه طرف هوندا آهن. اهو ذري گھٽ ناممڪن آهي ته هڪ ماڻهون بلڪل حق تي هجي ۽ ٻيون بلڪل غلط. ڪڏهن اهو تناسب 80% ۽ 20% هوندو آهي، ۽ ڪڏهن 50% 50%. ماڻهون عام طور تي پنهنجي معاملات کي صرف پنهنجي نظرئي سان ڏسندا آهن. تنهن ڪري، هڪ انسان صرف پنهنجو پاڻ کي حق تي سمجھندو آهي ۽ ٻيو انسان به پنهنجي لاءِ ساڳيو ئي خيال رکندو آهي. ٻئين اهو چاهيندا آهن ته سامهون وارو پنهنجيون غلطيون ڏسي ۽ معافي گھري.

اها سوچ، جيڪا اڄ ڪلھ انهن معاشرن ۾ گھڻو پکڙيل آهي جيڪي ديني اخلاقيات کان پري رهي ڪري زندگي گذارين ٿيا، ماڻهن کي ننڍڙي غلط فهمي ۽ اختلاف مان مستقل بيچيني طرف وٺي وڃي ٿي. اهڙين ماڻهن ۽ ايمان وارن جي وچ ۾ فرق اهڙي صورتحال ۾ واضح ٿئي ٿو. ايمان واري جي هڪ خصوصيت اها آهي ته هو ڄاڻيندو آهي ته پيار ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن ڪيو ويندو آهي. ايمان وارو هجڻ جو اهو مطلب آهي ته اعلٰي اخلاقي قدرن جو مالڪ هجڻ جڏهن ڳالھ دوستي، وفاداري، محبت ۽ شفقت، معافي، رواداري ۽ ماڻهن جون دلون کٽڻ جي ڪجي ٿي. ايمان وارو پيار جي معاملي ۾ انتهائي بيگرز هوندو آهي. هي ڪڏهن به پنهنجي خواهشات کي پنهنجي پيار ڪندڙ تي اهميت نه آهي ڏيندو. هي ڪڏهن به پنهنجي سڪون ۽ آرام لاءِ ان انسان کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. هي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ  ان انسان تي ڪڏهن به الزام نه هڻندو  جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. ان جي ابتڙ، هو پنهنجو پاڻ تي الزام برداشت ڪندو جڏهن ته اڳلو انسان غلطي تي آهي. هي سڀني غلطين، ڪوتاهين ۽ خامين جي ذميداري پاڻ تي قبول ڪندو پر ان الزام جو ذرو به ڪڏهن به ان انسان تي برداشت نه ڪندو جنهن سان هي پيار ڪندو آهي. هن لاءِ ان سڀ جو واحد مقصد صرف الله جي رضا حاصل ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته ايمان واري جي پيار جو بنياد الله تعالٰي جو پيار آهي. هن جي وفاداري الله سان هن جي وافاداري مان ڦٽي ٿي. ۽ اهو ئي ان شخص سان جنهن سان هي پيار ڪندو آهي ڏانهن ارپنا جو واحد ذريعو آهي.

پيار ايمان واري جي خاص نشاني آهي

تقريبن هر ڪوئي پنهنجي زندگي ۾ بي رحم ۽ پيار کان بي خبر ماڻهن سان واسطي ۾ اچي ٿو. هي اهي ماڻهون آهن جيڪي ڪڏهن به ڪنهن به شئي کان اثر انداز نه ٿيندا آهن. اهي سخت زبان استعمال ڪندا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو شيطان ئي آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي رويي طرف مائل ڪري ٿو. شيطان اهو نه چاهيندو آهي ته ماڻهن کي سٺو ضمير هجي يا وري اهي عقلمند، شائسته، شڪرگذار، صابرين، الله جي تخليق مان لطف اندوز ٿيڻ وارا، پيار ڪندڙ، ۽ سڀ ڪنهن سان اخلاق سان پيش اچڻ وارا ٿين. تڏهن به، الله تعالٰي انسان جي اندر شين کي آسان ڪرڻ ۽ ٻين لاءَ آسان پيدا ڪرڻ واري فطرت رکي آهي، تنهن جي ڪري ضرورت وقت ماڻهون پنهنجي قرباني به ڏيندا، ٻين کي ان جي خبر به پوڻ نه ڏيندا، هي سڀ ان لاءِ ڪندا ته جيئن معاشري ۾ سک ۽ سڪون هجي. ايمان وارا، جيڪي ان رويي کي چڱي طرح اپنائن ٿا، پنهنجي موجودگي واري ماحول کي پر سڪون بڻائي ڇڏين ٿا ۽ ان طرح انهن جي موجودگي جو هميشه سٺو ئي اثر پوندو آهي. اهو هم آهنگي وارو، پرسڪون، مثبت، پرجوش ۽ محبت وارو رويو جيڪو ايمان وارا پنهنجي چوُطرف موجود ماڻهن تي ظاهر ڪندا آهن انهن جي هڪ بهترين نشاني آهي. الله تعالٰي قرآن ۾ فرمائي ٿو ته ڪيئن ان ايمان وارن لاءِ پيار جهڙي نعمت پيدا فرمائي؛

“بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.  ” (سوره مريم، 96)

ايمان وارن جي پيار، جيڪي اهي ٻين تي ظاهر ڪندا آهن، جو حقيقي ذريعو الله تعالٰي جو پيار آهي. اهو ڄاڻڻ ته جيڪا خوشي اهي پنهنجي دل ۾ محسوس ڪن ٿا الله تعالٰي پيدا ڪئي آهي ۽ هر شئي ۾ هن جو جلوو آهي انساني پيار جو بنياد آهي.

سچي پيار ۾، هڪ انسان پنهنجا اهي جذبات ان ماڻهون تي ظاهر ڪري سگھي ٿو جنهن سان هي پيار ڪري ٿو ان لاءِ هو شاندار، پر ڪشش ۽ اثردار لفظن جو استعمال ڪري سگھي ٿو جيڪي ان ڪڏهن به پهريون استعمال نه ڪيا هئا.

ٻين شين کان مختلف، الله تعالٰي انسان کي “روح” عطا ڪيو آهي. تنهن لاءِ، اهو اثر جيڪو هڪ انسان جي اندر پيدا ٿئي ٿو ٻئي انسان جي اندر پيدا ٿيندڙ ساڳئي ئي اثر کان مختلف هوندو. پيار جيڪو هڪ انسان محسوس ڪري ٿو سڌي طرح تعلق رکي ٿو ان انسان جي اندر موجود خوبصورتي سان.

جناب عدنان اوقتار صاحب قرآن ۾ واضح ڪيل پيار جي باري ۾ ڳالهائن ٿا

قرآن پيار جي بنياد جي وضاحت ڪري ٿو. اهو صرف اسان کي پيار ڪرڻ لاءِ نه ٿو چوي. پيار صبر سيکاري ٿو جيئن وفاداري، سخاوت، پرواه، اهميت، ڇا اهو سڀ ڪجھ نه ٿو سيکاري؟ هڪ خودگرز ۽ سوارتي ماڻهون پيار نه ٿو ڪري سگھي. هي لازمي طور تي پيار وڃائي ويهندو آهي. ماڻهون جيڪي معاف ڪرڻ نه ڄاڻيندا آهن پيار وڃائيندا آهن. ٻين لفظن ۾، انهن براين سان گڏ پيار نه ٿو هلي سگھي. توهان کي پيار کي ايئن ئي بچائڻو آهي جيئن هڪ ننڍڙي ٻوٽي کي. پيار اچانڪ ئي پنهنجو پاڻ ظاهر نه ٿيندو آهي. هڪ انسان ٻئي جي اکين ۽ ان جي بِرُن سان پيار نه ڪندو آهي، ڇو ته اهي ٻڍيون ۽ بيمار ٿي سگھن ٿيون. دولت به غائب ٿي سگھي ٿي پر ايمان ۽ اخلاق، جيڪي عقيدي مان جنم وٺن ٿا، هميشه رهن ٿا ۽ هڪ انسان جي دل تي گهرو اثر ڪن ٿا. ان جي ڪري اسين ٻين ماڻهن سان محبت ڪندا آهيون. هڪ انسان ٻئي انسان سان پيار نه ٿو ڪري سگھي جيڪو گوشت ۽ هڏن جو ٺهيل آهي، کل کي ٿورو ڪٽيو ۽ توهان کي زور ڳاڙهو گوشت نظر ايندو ۽ توهان وٽ صرف رت ۽ چمڙي کان سواءِ ڪجھ به نه هوندو. سو توهان وٽ ان شخص سان پيار ڪرڻ لاءِ ڪا به شئي نه بچندي.

(14 June 2011, A9 TV)

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/115128/قرآن-پيار-جي-بنياد-جوhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/115128/قرآن-پيار-جي-بنياد-جوhttp://imgaws1.fmanager.net/Image/objects/6-makaleler/adnanoktar.jpgMon, 21 May 2012 10:28:20 +0300
فضول ڳالهائڻ کان بچو  (مترجم_ آغا عامر خان)

 

فضول ۽ بي مقصد ڳالهائڻ ۾ الله تعالٰي جي ياد شامل نه هوندي آهي، نه ئي وري ان جي رضا حاصل ٿيندي آهي. تنهنجي ڪري، قيمتي وقت ضائع ٿي ويندو آهي جنهن کي آخرت لاءِ نيڪي وارا عمل ڪرڻ ۾ استعمال ڪري سگھجي پيو.

اها شيطان جي سازشن مان هڪ سازش آهي ته انسانن کي الله جي ياد کان روڪي، انهن کي پنهنجي چوڌاري موجود بيشمار نشانين ۽ الله تعالٰي جي معجزن کان غافل ڪري ڇڏي ۽ انهن کي پنهنجي زندگي جي مقصد تي غور و فڪر ڪرڻ نه ڏي.

جيئن، شيون جيڪي انسانن کي مصروف رکنديون آهن اهي رانديون، ترڪيبون، ٻارن کي وڏو ڪرڻ جا مسائل ۽ اهڙي قسم جا ٻيون ڪيتريون ئي آهن.

شرح تبادله (exchange rates)، اسٽاڪ ايڪسچينج، ۽ تجارت ۽ معيشت سان متعلق موضوع ماڻهن جي دماغن تي قابض رهن ٿا.

معاشري جو هڪ ٻيو حصو جيڪو پنهنجو پاڻ کي دانشور چوندو آهي پنهنجو پاڻ کي مهذب ڌيکارڻ لاءِ وسيع بحٿ مباحٿي ۾ شريڪ ٿيندا آهن، اهو محسوس ڪندا آهن ته انهن وڏيون مشڪلاتون حل ڪري ڇڏيون آهن، پر اهي معاشري کي ڪو به منافعو پنهنچائيندا آهن.

ڪير به اهو آساني سان ٽيلي وزن تي منقعد ٿيندڙ فورمز ۾ ڏسي سگھي ٿو. شريڪ ٿيندڙ ڪنهن مسئلي تي ڪلاڪن تائين بحٿ ڪندا آهن صرف پنهنجي ڄاڻ ڏيکارڻ لاءِ يا ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ.

ڪجھ ماڻهون انهن فورمز کي مذهب تي حملو ڪرڻ جو موقعو سمجھندا آهن ۽ سچ خلاف پنهنجي نفرت ظاهر ڪندا آهن.

الله تعالٰي اهڙي روين کي قرآن ۾ بيان ڪيو آهي

“۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.” (سوره لقمان، 6)

جڏهن ته فضول ڳالهائڻ ڪافرن جي خصوصيت آهي ۽ ان کان بچڻ ايمان وارن جي نشاني آهي.

“۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون.” (سورت القصص، 55)

هڪ ايمان واري کي لاعلمي، بد ڪرداري ۽ ملامت واري ڳالهائڻ کان بچڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪرڻ گھرجي.  ناگوار ڳالھ ٻولھ جي نا موجودگي جنت جي نعمتن مان هڪ ٻڌائي وئي آهي

“ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي. اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي. ” (سوره مريم، 61_62)

 

 

 

  

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100668/فضول-ڳالهائڻ-کان-بچوhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100668/فضول-ڳالهائڻ-کان-بچوFri, 02 Dec 2011 12:46:11 +0200
ائٽم جي سائيز  (مترجم_ آغا عامر خان)

ائٽم پوري ڪائنات جي تخليق جو بنيادي جزو آهي، پر اهو سائيز ۾ تمام ننڍڙو هوندو آهي.

ائٽم کي عام مائڪرواسڪوپ سان به ڏسڻ ناممڪن آهي.

ائٽم جي غير معمولي حد تائين ننڍڙي سائيز کي هيٺين مٿالن جي ذريعي بيان ڪري سگھجي ٿو

ائٽم هڪ مليميٽر جو به ڏهون لکون حصو آهي. ٻين لفظن ۾،جيڪڏهن 100 ملين ائٽم هڪ ٻئي سان ملائي رکجن ته اهي صرف هڪ سينٽي ميٽر ٺاهيندا.

پيپر جو هڪ پيج ڏه لکن ائٽمن جي موٽائي آهي.

هڪ جيوگھرڙي ۾ صرف هڪ پروٽين تقريبن 500000 ائٽمن تي مشتمل هوندو آهي

اسان جي صرف هڪ جيوگھرڙي ۾ 4 ڪروڙ ائٽم هوندا آهن.

جيڪڏهن اسان لوڻ جي هڪ داڻي ۾ موجود ائٽم ڏه لک في سيڪنڊ جي حساب سان لڳاتار 24 ڪلاڪن تائين ڳڻيون ته اسان کي 500 سالن کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويندو.

صرف اهو ئي جملو 12 ڪروڙ 50 لکن کان به وڏيڪ ائٽمن تي مشتمل آهي.

اسان جا جيوگھرڙا، کاڌو جيڪو اسين کائون ٿا، اسين جيڪو ڪجھ پئون ٿا، اسان جا گھر، جبل، سمنڊ، آسمان، چنڊ، سج، عظيم سيارا، سڀ تارا ۽ ڪهڪشائون، مختصر طور تي سڀ شيون صرف ائتم مان ٺهيل آهن جيڪو سائز ۾ صرف هڪ مليميٽر جو به ڏهون لکون حصو آهي.

الله تعالٰي کي ان تي قدرت حاصل آهي ته اهو اهي سڀ شيون هڪ ننڍڙي شئي مان ٺاهي ۽ انهن کي بنا لنهن قدرتي سبب جي ڪجھ به نه مان وجود ۾ آني. اسان جو رب هن آيت ۾ ٻڌائي ٿو

“۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.” (سورت الانعام، 73)

 

 

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100595/ائٽم-جي-سائيزhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100595/ائٽم-جي-سائيزTue, 29 Nov 2011 10:02:14 +0200
الله انسان جي قريب آهي  

(مترجم_ آغا عامر خان)

 

گھڻا ماڻهون اهو سوچيندا آهن ته الله اسان کان گھڻو پري آهي، پر قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ”۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) احاطو ڪيو آھي“  هو تمام ويجھو آهي. هو انسان جو هر پهلو ڏسندو ۽ ڄاڻيندو آهي ۽ جيڪو ڪجھ به اهو ڳالهائيندو آهي اُهو ٻڌندو آهي. الله تعالٰي انسان جي اندروني خيالات کان به واقف آهي. قرآن ۾ بيان ٿيل آهي

“۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون.” (سوره ق، 16)

الله تعالٰي ايترو ته ويجھو آهي  جو هو انسانن جون دعائون به ٻڏي ٿو، چاهي اهي دل ۾ ئي ڪيون ويو هجن، اهو الله ئي آهي جيڪو انهن جو جواب ڏئي ٿو

“۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن.”      (سورت البقره، 186)

الله تعالٰي انسان جي نيتن کان با خبر آهي. هو ڄاڻي ٿو هڪ بندو هن جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو عمل ڪري رهيو آهي يا صرف پنهنجي روح کي مطمئن ڪرڻ لاءِ. الله تعالٰي اسان کي قرآن ۾ اهو ياد ڪرائي ٿو ته هو اسان جي نيتن کان به باخبر آهي

“.. . . . .۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي. ” (سورت البقره، 235)

“۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي. ” (سورت طٰهٰ، 7)

الله جي رسول، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم پڻ مسلمانن کي اهو فرمايو ته جڏهن اهي دعا گھرندا آهن ته الله تعالٰي انهن جي ڪافي قريب هوندو آهي “توهان ان ٻڌندڙ کي پڪاريو ٿا جيڪو توهان جي بلڪل قريب آهي، توهان جنهن کي پڪاريو ٿا اهو توهان مان هر هڪ جي بلڪل قريب آهي.” (صحيح بخاري)

الله تعالٰي هر وقت توهان سان گڏ آهي، هن وقت جڏهن توهين هي مضمون پڙهي رهيا آهيو تڏهن به الله توهان جي قريب آهي. جيڪو ڪجھ به توهان ڪندا آهيو اهو هي ڄاڻيندو آهي ۽ ڏسندو آهي جيڪو ڪجھ به توهان سوچيندا آهيو. قرآن ۾ ان حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.

“نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي. ” (سورت المجادله، 7)

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100594/الله-انسان-جي-قريب-آهيhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100594/الله-انسان-جي-قريب-آهيTue, 29 Nov 2011 09:59:50 +0200
زمين جي سائيز (مترجم_ آغا عامر خان)

جڏهن ماڻهون اٿي بيهندا آهن ۽ هلڻ شروع ڪندا آهي، اهي پنهنجي مٿين يا هيٺين ڀرف کان ڪو به دٻاءُ (Pressure) محسوس نه ڪندا آهن. اسان جو اٿڻ، ويهڻ، هلڻ. ڀڄڻ عام سرگرميون آهن. جڏهن ماڻهون انهن سرگرمين ۾ مشغول هوندا آهن ته اهي پوري طرح بي خبر هوندا آهن ته اهي هڪ مظبوط ڪشش ثقل جي مزاحمت ڪري رهيا آهن.

ان جو سڀ کان اهم سبب زمين جي سائيز آهي. جيڪڏهن اها ٿورو به ننڍڙي هجي هان ته ڪشش ثقل ڪافي گھٽ هجي هان، ان جو ماحول ذرا ذرا ٿي غائب ٿي وڃي هان، ۽ اسان هن دنيا ۾ مستحڪم نه رهي سگھون هان. جيڪڏهن زمين ٿورو وڏي هجي هان ته ڪشش ثقل ڪافي وڌي وڃي هان ۽ ڪيتريون ئي زهريليون گئسون اسان جي ماحول کي مهلڪ بڻائي ڇڏين هان. جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن گئسن کان بچائي به وڃون هان ته به اسان هلي يا ڪا به چر پر ڪري نه سگھون هان.

پر اهڙي قسم جو مسئلو ڪڏهن پيدا ئي نه ٿيو آهي ڇو ته زمين جي سائيز جو تعين اهڙي طريقي سان ڪيو ويو آهي جيڪو انسانن جي زندگي ممڪن بڻائي ٿو. حالات جيڪي هي زمين کي ٺاهين ٿا ايترا ته نارڪ آهن جو ڪو طريقو ئي نه آهي جنهن سان انهن مان ڪو به هڪ پنهنجو پاڻ وجود ۾ اچي سگھي. سائنسدانن انهن پنهنجو پاڻ وجود ۾ ايندڙ واقعن جي مشڪلات جو حساب لڳايو آهي جيڪي 10123مان صرف 1 ممڪن آهي (حوالو هيٺ ڏنل آهي).

جيڪڏهن الله تعالٰي چاهي هان ته هر تاري ۽ سياري کي زندگي جي لاءِ موزون بڻائي ڇڏي هان، اهڙا حالات پيدا ڪري هان ته انسانن کي کائڻ ۽ پيئڻ، هڪ تناسب ۾ آڪسيجن کڻڻ، چنڊ ۽ سج جي ضرورت نه هجي هان. پر الله، جنهن هي سڀ ڪجھ پيدا فرمايو، اهڙا سڀ اچرج ۾ وجھندڙ تفصيلي حالات زندگي لاءِ ضروري ڪري ڇڏيا ته جيئن ماڻهون اهو ڄاڻن ته اهو الله آهي جنهن هر شئي پيدا ڪئي ان تي قابض آهي ۽ اسان کي اهو موقعو ڏنو ته جيئن اسان هن جي لامحدود قدرت جي تعريف ڪيون ۽ ان طرف رجوع ڪيون

“(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين. ” (سورت الفرقان، 2)

 

(حوالو؛ 1. Roger Penrose, The Emperor’s New Mind (Oxford, UK: Oxford University Press, 1989); Michael Denton, Nature’s Destiny (New York: The Free Press, 1998), 9)

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100593/زمين-جي-سائيزhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100593/زمين-جي-سائيزTue, 29 Nov 2011 09:56:05 +0200
خوابن ۾ حقيقت                                                               (مترجم_ آغا عامر خان)

 

 

حقيقت ۾ اسين پنهنجي خوابن ۾ ڪنهن سان ڳالھائيندا نه آهيون. ڪنهن کي ڏسندا نه آهيون ۽ اسان جون اکيون بند هونديون آهن. نه اسان ڊوڙندا آهيون نه ئي وري هلندا آهيون. ڪوئي ڀوت اسان جو پيڇو نه ڪندو آهي نه ئي وري اسان کي ڊيڄاريندو آهي ۽ نه ئي وري اسان جي سامهون ڪوئي سائو ۽ شاندار باغ هوندو آهي. نه ئي ڪا بلند و بالا عمارت هوندي آهي جنهن کان هيٺ ڏسڻ کان اسان کي خوف لڳندو آهي نه ئي وري ماڻهن جو هجوم هوندو آهي. انهن سڀني منظرنامن جي هوندي به اسان، حقيقت ۾، پنهنجي بستري تي اڪيلا هوندا آهيون. ماڻهن جي هجوم مان ايندڙ تيز آواز جيڪو اسين خواب ۾ ڏسندا آهيون حقيقت ۾ ڪڏهن به اسان جي خاموش ڪمري ۾ اچي نه ٿو سگھي.

جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي تمام تيز ڊوڙندو تصور ڪندا آهيون، حقيقت ۾ اسين ٿورو به نه چرندا آهيون. اسين پنهنجو پاڻ کي ٻئي ڪنهن سان سخت بحث ڪندي ڏسندا آهيون، پر حقيقت ۾ اسان جو وات بلڪل بند هوندو آهي. تڏهن به، اسين پنهنجي خوابن ۾ اهي سڀ شيون ڏاڍو صاف طريقي سان ڏسندا آهيون. اسان جي چوطرف موجود ماڻهون، اسان جو ماحول ۽ ان ۾ موجود شيون ايترو حقيقي نظر اينديون آهن جو اسان تصور به نه ٿا ڪري سگھون ته اهي خواب جو هڪ حصو آهن.

اسان خواب ۾ اهو به ڏسندا آهيون ته هڪ ڪار اسان سان ٽڪرائجي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري تڪليف کي به اسين واضح طريقي سان محسوس ڪندا آهيون. جڏهن ڪار اسان ڏانهن وڌندي ايندي آهي ته اسان کي حقيقت ۾ ڊپ لڳندو آهي، ان جي رفتار، ۽ ٽڪرائجڻ وارو لمحو سڀ اسان جي اندر خوف، ڊپ ۽ پريشاني پيدا ڪندا آهن. انهن سڀني احساسات جي اصليت جي باري ۾ اسان کي ڪو به شڪ نه هوندو آهي. اهو سڀ صرف اسان جي دماغ ۾ ئي واقع ٿيندو آهي.  تڏهن به اسان کي ذري برابر به اهو محسوس نه ٿيندو آهي. ايسائين جو خواب ۾ به ڪير ٻڌائي ته اسين خواب ڏسي رهيا آهيون ته اسان ان امڪان کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندا آهيون ۽ خواب جي اُن دنيا کي ئي حقيقت سمجھندا آهيون. اسان جاڳندي به اهي ئي ساڳيون شيون محسوس ڪندا آهيون. اهو مڃڻ لاءِ ڪنهن به ثبوت جي ضرورت نه آهي ته اسين هن وقت به اصل ۾ خواب ڏسي رهيا آهيون.

اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ٻاهرين دنيا اصل ۾ صرف اسان جو خيال آهي خواب هڪ بهترين مثال آهي. جيئن خواب ڏسڻ واري انسان کي ٿورو به شڪ نه آهي ته ان خواب ۾ موجود هر شئي اصل آهي تيئن ئي ان ڳالھ تي قائل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته جنهن کي اسين “اصل دنيا” سمجھندا آهيون اها صرف اسان جي دماغن ۾ آهي. خواب هجي يا هي دنيا ٻئي اسان جي دماغن جي پيداوار آهن. اسانکي ٻنهي دنيا جي حقيقت جي باري ۾ ڪو به شڪ نه هوندو آهي. تڏهن به اسان وٽ خواب کي اصل نه مڃڻ لاءِ ثبوت هوندو آهي. جڏهن اسان ننڊ مان اٿندا آهيون ته اسان چوندا آهيون ته “اهو صرف منهنجو خواب هيو”. ته پوءِ اسين اهو ثابت ڪيئن ٿا ڪري سگھون ته اسان هن وقت به خواب ڏسي رهيا آهيون؟

الله اهو سچ هن آيت ۾ بيان فرمائي ٿو

“۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا. چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو. ” (سوره يٰس، 51_52)

  هن وقت ان ڳالھ جو ثبوت سائنس جو ڏنل دليل آهي. هن معاملي ۾، اهو لمحو جڏهن اسين هن خواب مان جاڳنداسين اهو وقت آهي جڏهن اسان هن دنيا مان هليا وينداسين. ته پوءِ اصل شئي جيڪا ڪرڻ جي آهي اُها اِها آهي ته هن دنيا کي صرف اسان جو تصور ئي مڃون، جيئن اسان ڪنهن شئي کي پنهنجي دماغ ۾ سوچيندا آهيون، ۽ ان مطابق عمل ڪيون.

 

ريني ڊيسڪارٽس (RénéDescartes) خوابن جي حقيقت پسندي هن طريقي سان بيان ڪري ٿو

مان خواب ۾ ڏسندو آهيان هي يا هو ڪرڻ جو ، هيڏانهن يا هوڏانهن وڃڻ جو،  پر مان جڏهن اٿندو آهيان ته ڏسندو آهيان ته مان ته ڪجھ به نه ڪيو آهي نه ئي وري ڪيڏانهن ويو آهيان. مان ته آرام سان پنهنجي بستر تي سمهي رهيو هئس. ڪير گواهي ڏئي سگھي ٿو ته هن وقت به مان خواب نه ڏسي رهيو آهيان يا وري منهنجي سموري زندگي هڪ خواب نه آهي؟ ”1

 

يقين سان، اسان ڪڏهن به اهو ثابت ڪري نه ٿا سگھون ته اسان جي چوڌاري موجود ماڻهون، ايستائين جو هي زندگي جيڪا اسان گذاري رهيا آهيون هڪ خواب نه آهي. جڏهن اسان خواب ۾ هڪ برف جي ٽڪري کي هٿ لڳائندا آهيون ته ان جي ٿڌ به محسوس ٿيندي آهي ۽ ان ڳالھ جي گواهي به ڏيندا آهيون. جڏهن اسان هڪ گلاب کي سگھندا آهيون ته ان جي خوشبو بي عيب انداز ۾ محسوس ڪندا آهيون. اهو ان لاءِ ته چاهي اسان گلاب حقيقت ۾ سونگھيون يا خواب ۾ ٻنهي ڳالهين ۾ اسان جي دماغ ۾ هڪ  طرح جي عمل مان گذرندو آهي.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان اهو ڪڏهن به نه ٿا ڄاڻي سگھون ته اسان ڪڏهن گلاب جي صحيح تصوير ڏسون ٿا ۽ ان جي اصل خوشبوءِ محسوس ڪيون ٿا. حقيقت ۾، ٻنهي صورتن يا ٻنهي حالتن ۾ اسان جو ڪڏهن به حقيقي گلاب سان براه راست واستو نه پيو آهي. نه ان جي تصوير نه ئي ان جي خوشبو اسان جي دماغن ۾ آهي. تڏهن ٻئي حالتون حقيقت کي بيان نه ٿيون ڪن.

جيڪڏهن، ڪنهن ماڻهون کي اها خبر آهي ته هو خواب ڏسي رهيو آهي، ته هو ڪڏهن به تيزي سان ايندڙ ڪار کان ڊڄندو نه، هن کي اهو احساس ٿيندو ته مهنگيون شيون ۽ پيسا جيڪي هن حاصل ڪيا آهن سڀ ڪوڙ آهن ۽ ان لاءِ ڪجھ ڪم نه ايندا. هن کي اها خبر پئجي وڃي ٿي ته هن خواب واري دنيا کان ٻاهر هڪ اصل دنيا آهي. ان جي ڪري، هن جي ارد گرد موجود شين جي ان شخص وٽ ڪا به اهميت ۽ قيمت نه آهي جيڪو ڄاڻي ٿو ته هو هڪ خواب اندر آهي.

 

هي ان دور تي به لاڳو ٿئي ٿو جنهن کي اسين “اصل دنيا” ڪري ڄاڻيون ٿا. ان انسان لاءِ جيڪو سمجھي ٿو ته هي دنيا اصل نه آهي، ۽ صرف اسان جي دماغن ۾ ٺهيل تصورات تي مشتمل آهي، هن دنيا جي ڪنهن به شئي کي اهميت نه ڏيندو آهي. هي اها زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به هن غير حقيقي زندگي جي ڪوڙي نوعيت کان واقف آهي. هي اهو ڄاڻي ٿو ته ماڻهون جيڪي هن کان فائدو وٺڻ چاهين ٿا اصل ۾ آهن ئي ڪو نه ۽ هن جي چوڌاري موجود دوکو ڏيڻ واري خوبصورتي ۽ پر ڪشش شيون صرف هڪ فريب آهن. تنهن جي ڪري، هن دنيا جي شين جي ترپ لاءِ يا پنهنجي نفعي جي پويا لڳڻ لاءِ هن وٽ ڪو جواز باقي بچي ٿو. هي تيزي سان گذرندڙ ۽ عارضي زندگي ۾ رهي رهيو آهي ۽ ڄاڻي ٿو ته اصل زندگي هن کان پوءِ شروع ٿيندي.

ليکڪ ريميز سازن هن باري ۾ لکي ٿو

هي هڪ فلم وانگر آهي. هڪ انسان جيڪو فلم ڏسي رهيو آهي اهو ان ۾ موجود ايڪٽر ۽ ان سان اسڪرين تي ٿيڻ وارن واقعن ۾ ٻڏي ويندو آهي. هي هيرو سان گڏ خوش ۽ غمگين ٿي سگھي ٿو جڏهن هو مايوس آهي، کلي يا روئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن وقت ۾ هو فلم ڏسڻ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ فلم تان پنهنجي توجھ هٽائي ٿو هي فلم جي ٺاهيل برم مان ٻاهر اچي وڃي ٿو. پروجيڪٽر پنهنجيون تصويرون اسڪرين تي پيو ڇڏيندو هوندو پر هي ڄاڻي ٿو ته اهي صرف روشني آهي جيڪا پروجيڪٽر هن اسڪرين تي ڇڏي آهي. هي فلم ڏسي سگھي ٿو يا پنهنجيون اکيون ۽ ڪن بند ڪري اسڪرين ڏانهن نهارڻ روڪي ڇڏي. توهان ڪڏهن فلم ڏٺي آهي جڏهن ريل ڦاسي پوي يا پاور هليو وڃي؟ توهان ڇا محسوس ڪندا آهيو جڏهن توهان هڪ ڏاڍي دلچسپ فلم ڏسي رهيا آهيو ۽ اوچتو اشتهارات اچڻ شروع ٿي وڃن؟ توها فورن ان برم مان ٻاهر اچي ويندا.

جڏهن توهان ننڊ ۾ خواب ڏسي رهيا هوندا آهيو ۽ ڪو توهان کي جاڳائيندو آهي ته توهان اهو محسوس ڪندا آهيو ته توهان کي هڪ دنيا مان ٻي ۾ اڇلايو ويو آهي. بلڪل ان ئي طرح اسان جي هي زندگي آهي جنهن کي اسين اصل سمجھندا آهيون. ان مان سجاڳ ٿيڻ ممڪن آهي. 2

جيڪي ماڻهون قيامت جي ڏينهن تي جاڳندا اهي هيٺين آيتين ۾ هن ريت بيان ٿيل آهن

“۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي. ۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو. (چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي. ” (سوره ق، 20_22)

1. http://www.cevaplar.org/index.php?khide=visible&sec=1&sec1=22&yazi_id=3828

2. Remez Sasson, “Reality Versus Imagination and Illusion,”

http://www.successconsciousness.com/index_000014.htm         

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100156/خوابن-۾-حقيقتhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100156/خوابن-۾-حقيقتThu, 17 Nov 2011 15:33:28 +0200
لا شعوري جو نتيجو  (مترجم_ آغا عامر خان)

 

الله تعالٰي جي خبردار ڪرڻ باوجود جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجي بي خبري ۽ لاشعوري ۾ ئي رهجي ويو ته اها ان کي جلد هڪ خوفناڪ، نا قابلِ بيان ۽ دائمي عذان ڏانهن وٺي ويندي. الله تعالٰي هن دنيا کي انسانن کي پرکڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ اهي ماڻهون جيڪي هي حقيقت ڄاڻي بنا ئي هي دنيا ڇڏي ويندا آهن اهي پنهنجي هميشه واري زندگي دوزخ جي عذاب ۾ گزاريندا.

جيئن قرآن پاڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي انهن جي اکين ۽ ڪنن تي مهر لڳائي وئي آهي ۽ انهن کان انهن جي سمجھ کسي وئي آهي. انهن جي بيداري ۽ سمجھ بلڪل جانورن وانگر آهي. اهي جانورن کان به بدتر آهن چو ته انهن پنهنجي مرضي سان لاشعوري کي چونڊيو آهي.

“۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون، انھن جو اھڙيون دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نه سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون اھڙيون اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نه سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو انھن سان (حق کي) ٻڌي نه سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان وڌيڪ گمراہ آھن، اُھي ئي غافل آھن. ” (سورت الاعراف، 179 )

“ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن. ” (سورت الفرقان، 44 )

جانورن کي ڪوئي به شعور نه آهي. الله تعالٰي انهن سان بي خبر ماڻهن جو موازنو ڪري ٿو چو ته انهن جي جانورن وانگر لا شعوري انهن جي دل کي سخت ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو ڪجھ ڏسندا ۽ ٻڌندا آهن، ۽ جيڪا تجويز ۽ مشورو انهن کي ملندو آهي، اهو انهن کي هن حالت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پر اثر ثابت نه ٿيندو آهي.

ڪنهن به رعايت کان بغير سڀني انسانن تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ سچ مطابق زندگي گذارڻ فرض آهي. پر جيڪڏهن اهي پنهنجي لا علمي ۾ ئي رهيا ته اهي ٻين جاندارن کان گھٽ سمجھ وارا ٿي وڃن ٿا ۽ اهي سڀ خصوصيات وڃائي وٺن ٿا جيڪي انهن کي انسان بنائين ٿيون. اهي انسان ان احساس، خيال ۽ سمجھ کان محروم ڪيا ويا آهن جيڪو الله تعالٰي سڀني کي عطا ڪيو آهي ته جيئن اهي پنهنجي وجود کي سڃاڻي سگھن ۽ ان جي عبادت ڪن.

“اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن. ” (سورت النحل، 108)

اهڙا ماڻهون پنهنجو پاڻ کي جهنم جي باه کان بچائي نه ٿا سگھن جيستائين اهي الله ڏانهن رجوع ڪن. انهن جي لاعلمي ۽ الجھن دوزخ ۾ اڃا وڌيڪ هوندي.

“۽ جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ (به) انڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بِنھ ڀُليل رھندو. ” (سورت الاسراء، 72)

انهن جي سزا ۽ دهشت هن آيت ۾ بيان ڪئي وئي آهي

“الله جي ٻاريل باھ آھي. جا دلين تي پھچندي. بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.” (سورت الهمزه، 6_9)

اهي انسان جيڪي لاشعوري ۾ ئي اهن ٿا ۽ ان مان نڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن ۽ جيڪي قرآن جي علم ۽ الله تعالٰي جي رضا کان بغير مري وڃن ٿا جهنم جي حوالي ڪيا ويندا.

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100155/لا-شعوري-جو-نتيجوhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100155/لا-شعوري-جو-نتيجوThu, 17 Nov 2011 15:26:46 +0200
الله تعالٰي جي نظر ۾ دين صرف اسلام آهي  (مترجم_ آغا عامر خان)

 

تاريخ جي هر دور ۾ الله تعالٰي پنهنجي رسولن جي ذريعي سچي ايمان کي ظاهر فرمايو آهي. سڀني رسول جن جي تشريف آوري ٿي آهي ماڻهن کان ان سچائي جو تقاضا ڪيو ته اهي هڪ الله تي ايمان آڻن، سڀني رسولن جو حڪم مڃن، فرشتن، تقدير ۽ آخرت تي ايمان آڻن، بهترين اصول يعني حسن اخلاق اپنائن ۽ الله تعالٰي جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ نيڪ اعمال ڪن. وقت در وقت الله تعالٰي پنهنجي موڪليل مذهبن جي فطرت ۾ ڪجھ تبديليون ڪيو آهن، پر سڀني پيغمبرن ماڻهن کي اسلام طرف ئي سڏيو آهي ڇو جو الله تعالٰي جي نظر ۾ دين صرف اسلام آهي

“بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي.” (سورت آل عمران، 19)

حضرت نوح، حضرت ابرهيم، حضرت يعقوب، حضرت موسٰي، حضرت عيسٰي ۽ ٻين نبين  پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي، جن ڏانهن انهن کي موڪليو ويو هيو، الله تعالٰي جو سچو مذهب قبول ڪرڻ جي لاءِ سڏيو ۽ انهن تي اهو ظاهي ڪيو ته اهي مسلمان آهن. سورت العمران جي 67 ۽ 68 آيت ۾ الله اهو ٻڌايو آهي ته حضرت ابراهيم مسلمان هئا

“ ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو. ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.” (سورت آل عمران، 67_68)

 

هيٺين آيت اهو ظاهر ڪري ٿي ته حضرت يعقوب پنهنجي پٽن کي “مسلمان ٿيڻ” لاءِ چيو

 

“۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي، ته اي اسانجا اولاد (ھن) دين کي الله اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو. ” (سورت البقره، 132)

حضرت عيسٰي ۽ انهن جي حوارين به اهو چيو ته اهي مسلمان آهن

“پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.” (سورت آل عمران، 52)

حضرت موسٰي به پنهنجي ماڻهن کي مسلمان تيڻ لاءِ چيو

“۽ موسىٰ چيو ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن اوھان الله تي اِيمان آندو آھي ته جي مُسلمان آھيو ته مٿس ڀروسو ڪريو”            (سوره يونس، 84)

جيئن ته اسان ڏٺو ته سڀني رسولون پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي مسلمان تيڻ لاءِ چيو، ٻين لفظن ۾، الله جي نظر ۾ جيڪو سچو دين آهي ان جي ئي دعوت انهن ڏني. الله تعالٰي جيڪي سچا ڪتاب ۽ اصول انهن نبين تي لاٿا آهستي آهستي مٽجي ويا ۽ پنهنجي اصل صورت کان تبديل ٿي ويا. پر الله تعالٰي قرآن پاڪ کي ڪنهن به تبديلي کان پاڪ رکڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اهو حڪم ڏنو آهي ته هر انسان هن آخري سچي ڪتاب تي عمل ڪري. ان لاءِ، جيڪڏهن هڪ يهودي، جيڪو حضرت موسٰي سان سچو پيار ڪري ٿو، انهن جي آڻيل مذهب جي مطابق عمل ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو قرآن پاڪ تي عمل ڪري. ساڳئي طريقي سان،  جيڪڏهن هڪ عيسائي، جيڪو حضرت عيسٰي جن جي تعليمات تي عمل ڪري ٿو، چاهي ٿو ته انهن جي دين جي پيروي ڪري جيئن انهن جي حوارين جي دور ۾ هيو، ته ان کي کپي ته اهو قرآن مجيد تي عمل پيرا ٿئي. ڇاڪاڻ ته حضرت موسٰي ۽ حضرت عيسِٰي جيڪو ڪجھ به سيکاريو ان جو سچو ترين، بهترين ۽ شفاف عڪس صرف قرآن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن يهودي ۽ عيسائي اهو چون ٿا ته اهي هڪ الله ۾ ايمان آڻين ٿا، لا اله الالله، ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم آخري سچا پيغمبر آهن، محمد رسول الله، ۽ قرآن جي تعليمات تي عمل ڪن ٿا ته اهي پو ئي حضرت موسٰي ۽ حضرت عيسٰي جا پوري طرح پيروڪار ٿيندا. الله جي منشا سان، اهو هن صدي ۾ حضرت عيسٰي جي آمد جي ڪري واقع ٿيندو۽ اسلام، هڪ سچو ۽ حق دين، حضرت عيسٰي ۽ حضرت مهدي جي حڪمراني هيٺ دنيا تي غالب ايندو.

 

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100136/الله-تعالٰي-جي-نظر-۾http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100136/الله-تعالٰي-جي-نظر-۾Wed, 16 Nov 2011 10:31:38 +0200
گناه ۽ توبه  (مترجم_ آغا عامر خان )

اسان انسانن جو دين ڪا پري ٿيڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته جڏهن اسان ڪو گناه ڪندا آهيون ته اسان پنهنجو پاڻ کي معافي جي قابل نه سمجھندا آهيون. شيطان اها ڪوشش ڪندو آهي ته اسان انسانن ۾ اهڙا خيال بار بار پيدا ڪري. جڏهن هڪ انسان گناه ڪندو آهي ته شيطان ان کي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته “تون هڪ ظالم ۽ الله جو باغي آهين.” جيڪڏهن ان انسان گھٽ گناه ڪيا آهن ته شيطان ڪوشش ڪندو آهي ته اهو انسان وڌيڪ گناه ڪري. ان لاءِ، پنهنجي گناه جي ڪري جيڪا ندامت هڪ انسان محسوس ڪندو آهي شيطان ان کي استعمال ڪري ان بندي کي الله کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيندو آهي.  

پر شيطان جي اها سازش ڪمزور هوندي آهي. اها حقيقت ته ڪنهن انسان ڪو گناه ڪيو آهي ان جو هر گز اهو مطلب نه آهي ته الله تعالٰي ان کي رسوا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو هاڻي ڪڏهن به سڌي رستي تي نه هلي سگھندو. رڳو ننڍڙو گناه ئي نه پر وڏي کان وڏو گناه به جيڪڏهن هو بار بار ڪري ٿو ته ان وٽ توبه ڪرڻ ۽ الله ڏانهن موٽڻ جو موقعو آهي.  الله قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته جيڪو به پنهنجي گناه تي نادم ٿيندو آهي، مطلب ته اهو پنهنجي گناه جي معافي گھرندو آهي ۽ اهو گناه ٻيهر نه ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي، ته الله تعالٰي هر اهڙي شخص کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.

“پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. ” (سورت المائده، 39)

الله وڏو مهربان آهي. قرآن جي هڪ آيت ۾ هو اسان کي خوشخبري ڏئي ٿو، “ پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.” (سورت البقره، 160). هر انسان وٽ توبه ڪرڻ جو موقعو هوندو آهي. الله ڪجھ يهودين جي توبه به قبول ڪري ڇڏي هئي جيڪي ڀٽڪي ويا هئا ۽ بتن جي پوڄا ڪري ويٺا هئا جيڪي انهن پاڻ سون مان ٺاهيا هئا. جڏهن انهن ايمان آندو ته الله انهن کي بخشي ڇڏيو.

“۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي. ”  (سورت البقره، 54)

توبه ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ بعد هڪ انسان بي پرواه ٿي ڪري اهو ئي گناه ٻيهر ڪري سگھي ٿو. حقيقت اها آهي ته ايئن بار بار ٿي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن اهو انسان بار بار توبه ڪري ٿو ۽ اهو گناه ٻيهر نه ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته اميد آهي الله ان شخص تي رحم فرمائيندو.

پر جيئن هر معاملي ۾ خلوص ضروري هوندو آهي هتي به خلوص جو هجڻ لازمي آهي. جنهن عمل ۾ خلوص نه هوندو آهي الله ان کي هر گز قبول نه آهي ڪندو. جيڪڏهن هڪ انسان گناه کان بچڻ جو ارادو نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو “مان بعد ۾ توبه ڪندم” ان ۾ خلوص ڪونهي. الله اهڙي قسم جي انسانن کي خبردار ڪيو آهي

 

“الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.”(سورت النساء، 17_18)  

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100135/گناه-۽-توبهhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/100135/گناه-۽-توبهWed, 16 Nov 2011 10:28:16 +0200
تخليق هڪ واضع سچ  

هاڻي جڏهن ته سائنس ارتقاء جي نظريي جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن،

جنهن جي مطابق زندگي اتفاقيه خود بخود وجود ۾ اچي وئي آهي،

۽ ٻي طرف ان اهوواضع ڪري ڇڏيو آهي ته فطرت ۾ هڪ ڪامل تخليق موجود آهي

الله تعالي جي تخليق ئي تمام جاندارن  کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب بڻي.

ارتقائي نظريو ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري ٿو ته زندگي محض اتفاق جو نتيجوآهي،

پر تمام سائنسي شاهديون ان کي غلط  ثابت ڪن ٿيون ۽ زندگئ جي تخليق جو

منصوبوان ڳالهه کان مٿانهون آهي ته ان جي صرف هڪ اتفاق جي ذريعي  وضاحت ڪئي وڃي.

زندگئ جو اتفاق سان وجود ۾ اچڻ وارو نظريو اوڻيهه صديء ۾ سامهون آيو جڏهن زندگي

کي تمام سادو سمجھو ويندو هو.پوء اهو عقيدو ويهيئن صديء ۾ ڪجھ  نظرياتي مقصدن لاء

آندو ويو.اڄ جڏهن ته سائنسي برادري ان دعويٰ کي نامعقول سمجھي ٿي ۽ سائنسدانن جو هڪ وڏو تعداد

ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿوته زندگي هڪ عظيم خالق جو عمل آهي

چندرا و ڪرما سنگھي جيڪو ڪئي سالن تائين اتفاق جي نظريي جي تائيد ڪندو رهيواهو ان حقيقت

جي وضاحت ڪري ٿو جنهن جو مقابلو ان کي سائنسدان هجڻ جي ناطي ڪرڻو پيو.

”سائنسدان ٿيڻ جي تربيت جي ابتدائي دور کان ئي اها ڳالهه مونکي ذهن نشين ڪرائي وئي هئي ته سائنس ڪنهن به قسم جي پنهنجي گهڙيل شئ سان گڏ نه ٿي هلي سگھي.ان خيال کي صرف ڏک سان ختم ڪرڻو پوندو آهي

هن  وقت مون وٽ ان نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ لاء ڪوئي مظبوط دليل ناهي جيڪو خدا جي هجڻ تي بحث ڪري ٿو.اسان پنهنجو ذهن هميشه ڪشادو رکيو هاڻي اسان کي احساس ٿي ويو آهي ته زندگئ جو دليل جواب صرف تخليق ئي ٿي سگھي ٿو نڪي محض حادثاتي طور تي شين جو ترتيب وٺجي وڃڻ“

ان واضح سچائئ کي ڄاڻڻ لاء ڪنهن کي بائيو ڪيميسٽريء جي ليبارٽريء ۾ وڃڻ جي ياfossils ڏسڻ جي ضرورت ناهي.ڪوئي به پنهنجي ضمير ۽ حواسن جو استعمال ڪري دنيا ۾ ڪٿي به تخليق جي حقيقت جو مشاهدو ڪري سگھي ٿو.اهو باآساني پنهنجي خالق جي لامحدود دانائي،علم ۽ طاقت جو اندازو ڪري سگھندو جيڪڏهن اهو صرف ان ڳالهه تي ئي غور ڪري ته اهو ڪيئن نشونما وٺي هڪ اهڙو انسان بڻجي ويوجيڪو هنن سٽن کي پڙهي سگھي۽ سمجھي سگھي جڏهن ته آغاز ۾ اهو صرف هڪ قطرو هيو.ماء جي پيٽ ۾ انسان جي تخليق بذات خود هڪ  معجزو آهي ته ڪيئن نطفي ۽ بيضي جي ميلاپ سان هڪ زنده جيوگھرڙو ٺهي ٿو

اهو جيو گھرڙو تعداد وڌائي ٿو،پوء ان وڌندڙ جيوگھرڙن ۾ نامعلوم ۽ خوفيه طريقي سان ورهائجڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽هو مخصوص طريقي سان ترتيب وٺي هڏيون،اکيون،دل،رت جون شريانون يا جلد ٺاهي وٺن ٿا.ان بي عيب عمل جي اختتام تي هڪ اڪيلو جيوگھرڙو هڪ انسان جي شڪل وٺي چڪو هوندو آهي،ان تخليق جو حوالو ڏيندي الله تعاليٰ انسان سان مخاطب آهي

”اي انسان توکي پنهنجي رب ڪريم جي باري ۾ ڪهڙيء شئ دهوڪي ۾ رکيو آهي.ان توکي پيدا ڪيوپوء برابر ڪري متوازن بڻايوان جنهن صورت ۾ چاهيو تنهنجي جزن جي ترتيب ڪئي اٿنئي(سورته الانفطار،8.6)

هن دنيا ۾ ڪوئي به محض اتفاقيه ناهي وجود ۾ آيو،الله پاڪ جيڪو تمام جهانن جو آقا آهي ان ئي هئ ڪائنات ۽تمام انسان تخليق ڪيا.الله تعاليٰ پنهنجي تخليقي قوتن جي وضاحت ڪندي قرآن ۾ فرمائي ٿو

”اي انسانو توهان لاء هڪ مثال بيان ڪيو ويو آهي لهٰذا ان کي غور سان ٻڌو.اهي  ماڻهون جن کي توهان خدا کي ڇڏي آواز ڏيو ٿا اهي سڀ ملي به وڃن پر هڪ مک به پيدا نه ٿا ڪري سگھن جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شئ کسي وٺي ته هي اها ڇڏائي به نه ٿا سگھن جو طالب ۽ مطلوب ٻئي ڪمزور آهن.افسوس جو انهن خدا جو قدر واقعي ڪون ڄاتو ۽ بيشڪ رب وڏي قوت وارو ۽ سڀني تي غالب آهي(سورته الحج 73.74)‌

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/42981/تخليق-هڪ-واضع-سچhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/42981/تخليق-هڪ-واضع-سچThu, 16 Jun 2011 10:40:26 +0300
The miracle of rain - Sindhi

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41953/the-miracle-of-rain-http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41953/the-miracle-of-rain-http://imgaws1.fmanager.net/Image/objects/6-makaleler/100785_yagmur_damlalarindaki_hikmetler.jpgTue, 17 May 2011 22:25:11 +0300
The design in water - Sindhi

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41951/the-design-in-water-http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41951/the-design-in-water-http://imgaws1.fmanager.net/Image/objects/6-makaleler/3119_sudaki_kusursuz_yaratilis.jpgTue, 17 May 2011 21:48:55 +0300
The aim is to attain the good pleasure of Allah - Sindhi

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41780/the-aim-is-to-attainhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41780/the-aim-is-to-attainThu, 12 May 2011 21:43:30 +0300
Not loosing hope for Allah's mercy - Sindhi

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41779/not-loosing-hope-for-allahshttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41779/not-loosing-hope-for-allahsThu, 12 May 2011 21:34:25 +0300
Belief in the Hereafter - Sindhi

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41778/belief-in-the-hereafter-http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/41778/belief-in-the-hereafter-Thu, 12 May 2011 21:24:01 +0300
Death is not the end

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/39319/death-is-not-the-endhttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/39319/death-is-not-the-endTue, 01 Mar 2011 22:16:44 +0200
Every moment we live is a great blessing from Allah

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/38095/every-moment-we-live-ishttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/38095/every-moment-we-live-isSat, 05 Feb 2011 10:41:10 +0200
The Turkish Islamic Union is the Only Solution

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37493/the-turkish-islamic-union-ishttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37493/the-turkish-islamic-union-ishttp://imgaws1.fmanager.net/Image/objects/6-makaleler/25368_tek_cozum_turk_islam_birligi.jpgMon, 24 Jan 2011 05:02:27 +0200
The key to faithfulness: Love and fear of Allah

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37492/the-key-to-faithfulness-lovehttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37492/the-key-to-faithfulness-loveMon, 24 Jan 2011 04:57:51 +0200
The easiness of Islam is a blessing from Allah

]]>
http://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37491/the-easiness-of-islam-ishttp://sd.harunyahya.com/sd/مضامين/37491/the-easiness-of-islam-isMon, 24 Jan 2011 04:39:26 +0200